وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي ملاقات

image
APP56-301122 ISLAMABAD: November 30 - COAS General Syed Asim Munir calls on Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif. APP/TZD

اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ملاقات ڪئي ۽ پاڪ فوج جي پيشيواراڻي ۽ قومي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ تي کيس مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آرمي چيف سان ڳالهائيندي چيو ته توهان جي آرمي چيف بڻجڻ تي قوم خوش آهي، عوام ۽ فوج جي وچ ۾ اعتماد ۽ محبت جا رشتا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته توهان جهڙي قابل آفيسر جي قيادت اداري جي پيشيواراڻي ترقي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ اهم ثابت ٿيندي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ جنرل سيد عاصم منير جي وزيراعظم اها پهرين ملاقات هئي.

مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis
متعلقہ مضامین
مزید خبریں