صدر پاران انٽيلي جنس بيورو جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل فواد اسد الله خان کي ريٽائرمنٽ کانپوءِ ٻيهر ملازمت جي منظوري

image

اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انٽيلي جنس بيورو جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل فواد اسد الله خان ( بي ايس 22) کي ريٽائرمنٽ کانپوءِ ٻيهر ملازمت جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملازمت هڪ سال جي لاءِ ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي 19 ڊسمبر 2022 کان ڏني وئي آهي. ٻيهر ملازمت سول سرونٽس ايڪٽ 1973 جي سيڪشن 14 جي تحت وزيراعظم جي مشوري تي ڏني وئي آهي.

مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس
متعلقہ مضامین
مزید خبریں