وزيراعظم بلوچستان جي ضلعي صحبت پور جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو

image

اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع ڏينهن بلوچستان جي ضلعي صحبت پور جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. چيف سيڪريٽري بلوچستان وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ جاري ڪوششن تي بريفنگ ڏيندو. ان موقعي تي وزيراعظم صحبت پور ۾ ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول ڪلي جياخان جي نئين عمارت جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم ٻوڏ سٽيلن جو احوال ڄاڻڻ ۽ انهن جي دل جوئي ڪرڻ جي لاءِ انهن سان ملاقات پڻ ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم ٻوڏ سٽيلن ۽ مقامي نمائندن کي خطاب ڪندو.

مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha
متعلقہ مضامین
مزید خبریں