وزيراعظم سان نامزد چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير جي ملاقات

image
APP54-241122 ISLAMABAD: November 24 - Chairman Joint Chiefs of Staff Committee (Designate) Gen. Sahir Shamshad Mirza calls on Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif. APP/TZD

اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان نامزد چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آرمي چيف جي عهدي تي مقرري تي جنرل سيد عاصم منير کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جنرل عاصم منير سان ڳالهائيندي چيو ته توهان جي پيشيواراڻي لياقت، ساک ۽ حب الوطني فخر جوڳي آهي. هن نامزد آرمي چيف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته الله تعاليٰ توهان کي انهن ذميوارين ۾ رهنمائي ۽ مدد فرمائي. جنرل سيد عاصم منير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں