نواز شريف جي سزا ختم ناهي ٿي، طبي بنيادن تي رليف ڏنو ويو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

image
APP45-26 ISLAMABAD: October 26 - Special Assistant to the Prime Minister for Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan, addresses a press conference at PID media center. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نواز شريف جي سزا ختم ناهي ٿي، طبي بنيادن تي رليف ڏنو ويو آهي، حڪومت نواز شريف جي صحت جي لاءِ دعاگو آهي، نواز شريف پنهنجي مرضي سان جتان چاهي علاج ڪرائي سگهي ٿو، عدالت ميڊيڪل بورڊ جي تجويز تي نواز شريف کي ضمانت ڏني آهي، وزيراعظم يا حڪومت جو ان ڪيس سان سڌوسنئون ڪو تعلق نه هو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي خصوصي معاون چيو ته نواز شريف جي سزا ختم ناهي ٿي پر رليف ڏنو ويو آهي، نواز شريف کي اڱاري تائين رليف ڏنو ويو آهي.

مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز
متعلقہ مضامین
مزید خبریں