ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي تي ڌيان ڏنو وڃي: وزيراعظم

image
APP54-28 LAHORE: October 28 - Prime Minister Imran Khan Chairs meeting of Annual Development Program at CM Office. APP photo by Mustafa Lashari

لاهور – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سالياني ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي ۽ عملي قدمن تي ڌيان ڏنو وڃي، کاڌي پيتي جي شين خاص طور تي ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن کي گهٽ کان گهٽ رکڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن، سيڙپڪاري جا موقعا وڌايا وڃن، عوام کي موجوده حڪومت جي فلاحي ڪمن بابت آگاهي فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب جي مالياتي ۽ معاشي پاليسي بابت اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں