پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري روسي هم منصب سان ملاقات ڪندو

image

اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي روسي هم منصب سرگئي لاروف سان سومر تي باضابطه ملاقات ڪندو. ان کان اڳ پاڪستان جو پرڏيهي وزير ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ماسڪو پهتو. پرڏيهي آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو روس جي پرڏيهي وزارت جي اعلي عهديدارن، روس ۾ پاڪستان جي سفير شفقت علي خان ۽ سفارتخاني جي ٻين عملدارن آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير اهو دورو روسي هم منصب سرگئي لاروف جي دعوت تي ڪري رهيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ اڄ باضابطه ملاقات ٿيندي.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں
متعلقہ مضامین
مزید خبریں