بلاول ڀٽو زرداري پاران صحافي راجا اصغر سومرو سان والد جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

image

ڪراچي – 22 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري صحافي راجا اصغر سومرو سان والد جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ راجا اصغر سومرو سان سندس والد جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.

مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون
متعلقہ مضامین
مزید خبریں