وزيراعظم اسلام آباد ۾ اسڪول آن ويلز منصوبي جو افتتاح ڪندو

image

اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ اسڪول آن ويلز منصوبي جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شروعاتي طور تي 8 بسن تي ٻڌل اسڪول آن ويلز منصوبو اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي ٻارن کي موبائيل اسڪولز جي ذريعي تعليم فراهم ڪندو. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب به ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم ملڪ گير بهار جي موسم جي وڻڪاري مهم جي شروعات ٻوٽو هڻي ڪندو، وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں