پاڪستان سوڊان جي صورتحال تي نظر رکي آهي، پرڏيهي وزارت اتي موجود پاڪستانين کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ خطي ۾ پنهنجي مشنز سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي

image

اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته پاڪستان سوڊان جي صورتحال تي نظر رکي آهي ۽ پرڏيهي وزارت اتي موجود پاڪستانين کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ خطي ۾ پنهنجي مشنز سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب 427 پاڪستاني حفاظت سان پورٽ سوڊان پهچي ويا آهن ۽ انهن جي اڳئين سفر جي انتظامن کي جامع بڻائڻ کان اڳ ئي انهن جي رهائشگاهه جو بندوبست ڪيو پيو وڃي.

مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2
متعلقہ مضامین
مزید خبریں