اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي تي ريڊ لائين ڪراس ڪئي وئي، 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين، انهن سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي، عمران خان پنهنجي ڪارڪنن کي شرپسندي جي تربيت ڏني، ڪڌي منصوبابندي سان قومي ملڪيتن کي نشانو بڻايو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”عظمت شهداءِ ڪنوينشن“ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته تقريب دوران عظيم فرزندن جي وارثن سان ملاقات ڪئي آهي ۽ پنهنجي ۽ قوم پاران اهو پيغام ڏنو آهي ته انهن جي فرزندن جي عظيم قربانين جي ڪري قائداعظم جو پاڪستان موجود آهي، انهن سپوتن پاڪستان جي سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، انهن پنهنجي ٻارن کي يتيم ڇڏي ڏنو پر اسان جي ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچائي ورتو. هن چيو ته انهن عظيم فرزندن پنهنجي جان تِري تي رکي ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪيو، انهن جي قربانين جي ڪري قوم سُک جي ننڊ سُمهي ٿي، ڪاروبار ۽ تعليمي ادارن سميت پورو ملڪ هلي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو. هن چيو ته 9 مئي تي ملڪ ۾ درندگي ٿي، عمران خان جي گرفتاري کان اڳ به سوين گرفتاريون ٿيون آهن پر ڪنهن گلدان به نه ٽوڙيو، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو شهيد ۽ نواز شريف کي بيگناهه جيل ۾ رکيو ويو، اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ بي بنياد الزام هڻي مخالف ڌر کي ڀت سان لڳايو ويو، اسان ان کي صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪيو، ڪنهن حساس ٺڪاڻن تي حملي جو نه سوچيو. هن چيو ته 9 مئي تي المناڪ ترين واقعو ٿيو، هڪ ڪرپشن جي ڪيس ۾ عمران خان جي گرفتاري ٿي پر هو پنهنجي جٿن کي ڪيترائي مهينا اڳ کان اهو چئي رهيو هو ته ان جي گرفتاري جي صورت ۾ ڪٿي ڪٿي حملو ڪرڻو آهي، سڄي قوم ان کان ان جو جواب گهري ٿي ته ان تي حملي جي جواب ۾ حساس ٺڪاڻن تي حملو ڇو ڪيو ويو. هن چيو ته 9 مئي تي شهيدن ۽ غازين جي يادگارن کي نقصان پهچايو ويو، ڪجهه سال اڳ پاڪ فضائيه جي ونگ ڪمانڊر پاڪستان تي حملو ڪندڙ ڀارتي اڀي نندن جو جهاز ڪيرايو، اهو غازي اسان جي لاءِ قابل فخر آهي. هن چيو ته ماضي جي حڪومت جي دور ۾ قومي اسيمبلي ۾ اسان کي گاريون ڏنيون ويون، الزام بازي ڪئي وئي، چور، ڌاڙيل چيو ويو، پوءِ به اسان صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته 9 مئي تي شهيدن ۽ غازين جي توهين ڪئي وئي، حساس ٺڪاڻن ۽ ريڊيو پاڪستان تي حملو ڪيو ويو جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳو آهي. هن چيو ته پنهنجي فرض جي ادائيگي ۾ هڪ لمحي جي ڪوتاهي نه ڪندس ۽ نه ئي ڪنهن جي ڪوتاهي برداشت ڪندس، جيڪڏهن ان المناڪ واقعي کانپوءِ ٿوري به بي احتياطي کان ڪم ورتو ته اسان کي الله تعاليٰ ۽ عوام جي عدالت ۾ معافي نه ملندي. هن چيو ته ڀارت جا جيڪي خواب 1965ع جي جنگ ۾ پورا نه ٿيا اِنهن جٿن اُنهن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، انهن حملن جي منصوبابندي ڪرڻ، اتساهڻ ۽ حملو ڪندڙن جي خلاف آئين ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، انهن سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي، بيگناهن کي نقصان نه پهچندو، آئين ۽ قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو، آئون به چوندس ته ڪا سفارش نه مڃي ويندي. وزيراعظم چيو ته 9 مئي تي ريڊ لائين ڪراس ڪئي وئي، شهيدن جي وارثن جي دلين ۾ تِير هنيا ويا، قوم جي تحفظ جي لاءِ جانيون قربان ڪندڙن جي بي حرمتي ڪئي وئي، اکين اهڙو منظر اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي الله تعاليٰ جي حڪمن، حضور اڪرم ﷺ جي سيرت طيبه، قائداعظم ۽ علامه اقبال جي فڪر تي عمل ڪن جنهن ۾ صبر ۽ تحمل جو درس ڏنو ويو آهي ۽ جٿابندي ۽ ڦرلٽ کان روڪيو ويو آهي. هن استادن تي زور ڏنو ته اهي ٻارن جي ان حوالي سان تربيت ڪن. شهباز شريف چيو ته پاڪستان اڳتي وڌندو ۽ ترقي ڪندو، شهيدن جي ٻارن کي يوٿ بزنس ۽ زرعي لون اسڪيم تحت آسان شرطن تي قرض ڏنا ويندا، انهن عظيم فرزندن جي ٻارن کي سمورن پروفيشنل ادارن ۾ ڪوٽا تي داخلا ڏني ويندي، انهن جي بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. ڪنوينشن ۾ وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، سفارتي برادري، شهيدن جي وارثن، غازين جي گهرڀاتين سميت مختلف طبقه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.