مسلم ليگ (ن) جنرل ڪائونسل اجلاس، مريم اورنگزيب سيڪريٽري اطلاعات چونڊجي وئي، پارٽي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ عوام کي خراج تحسين پيش ڪرڻ، ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ 9 مئي سانحي جي مذمت جون قراردادون اتفاق راءِ سان منظور

image

اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نئين چونڊيل سيڪريٽري اطلاعات مريم اورنگزيب مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف، صدر شهباز شريف، چيف آرگنائيزر مريم نواز، پارٽي قائدين، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، عوام کي خراج تحسين پيش ڪرڻ، ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ سميت 9 مئي 2023ع جي سانحي جي مذمت ڪرڻ بابت قراردادون پيش ڪيون جيڪي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ منظور ڪيون ويون. ڪالهه جمعي ڏينهن مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل اجلاس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب مسلم ليگ (ن) جي سيڪريٽري اطلاعات چونڊجڻ تي مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف، صدر شهباز شريف، چيف آرگنائيزر مريم نواز ۽ پارٽي ڪارڪنن جا ٿورا مڃيندي چيو ته مسلم ليگ (ن) جي سيڪريٽري اطلاعات چونڊجڻ ان لاءِ فخر جوڳو آهي. اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي نئين چونڊيل سيڪريٽري اطلاعات قرارداد پيش ڪئي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس پنهنجي قائد محمد نواز شريف جي جرئت، همت ۽ بصيرت کي سلام پيش ڪري ٿو، جنهن بدترين ڏاڍ ۽ سياسي انتقام جو ثابت قدمي، صبر ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو. ان سفر دوران نواز شريف ذاتي صدما به برداشت ڪيا پر هڪ لمحو به ان جي استقامت ۾ ڪا ڪمزوري نه آئي ۽ هن ڪڏهن ذاتي صعوبتن کي پاڪستان ۽ عوام جي مفادن تي ترجيح نه ڏني پر سدائين پاڪستان ۽ عوام جي بهتري ۽ مفادن کي مٿانهون رکيو. قرارداد ۾ چيو ويو ته نواز شريف پنهنجي سياسي حڪمت عملي سان بحرانن ۽ سازشن جو منهن موڙي ڇڏيو جنهن تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا قائدين ۽ ڪارڪن ان کي زبردست خراج تحسين پيش ڪن ٿا ۽ هن قرارداد ذريعي نواز شريف جي عظيم قربانين جو اعتراف ڪن ٿا. اجلاس مريم نواز شريف جنهن پاڪستان، پارٽي ورڪرز ۽ قائد جي لاءِ ڄمي بهادري سان ظلم ۽ ڏاڍ جو مقابلو ڪيو، ان کي به خراج تحسين پيش ڪري ٿو. جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ اها قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي. نئين چونڊيل سيڪريٽري اطلاعات مريم اورنگزيب پارٽي صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي قرارداد پڻ جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ پيش ڪئي جيڪا اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو ويو ته شهباز شريف اپريل 2022ع ۾ وزارت عظميٰ جي ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ سياست کي قربان ڪندي پاڪستان جي عوام جي معاشي استحڪام لاءِ قومي مفادن ۾ فيصلا ڪيا. هي اجلاس مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي ملڪ جي ترقي، تعمير، عوام جي خوشحالي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ معاشري جي سمورن طبقن جي بهتري جي ويزن کي اڳتي وڌائڻ ۽ مشڪل ترين حالتن ۾ غيرمعمولي قومي خدمت تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر وزيراعظم شهباز شريف کي زبردست خراج تحسين پيش ڪري ٿو. شهباز شريف اپوزيشن ليڊر طور ڪارڪردگي ڏيکاري، جيلن جون صعوبتون برداشت ڪيون، بدترين ڏاڍ کي منهن ڏنو، ميڊيا ٽرائل جي ذهني اذيت مان گذريو، چادر ۽ چارديواري جي پائمالين جو همت سان مقابلو ڪيو ۽ سرخرو ٿيو. وزيراعظم جي عهدي تي ويهي شهباز شريف پنهنجو ڌيان پاڪستان ۽ عوام جي ترقي تي مرڪوز رکيو ۽ هڪ سال ۾ عوام جي خدمت جي اها ئي روايت اڳتي وڌائي جنهن جو شاندار مظاهرو هن بطور پنجاب جي وڏي وزير ڪيو هو. شهباز شريف جي انهن ڪوششن جي ڪري پاڪستان ۾ معاشي ۽ سياسي استحڪام آيو. مريم اورنگزيب جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ پارٽي قائدين، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته قائدين، اڳواڻن ۽ پارٽي ڪارڪنن سياسي آزمائش ۽ بدترين ڏاڍ جي دور ۾ قيادت ۽ پارٽي سان وفاداري ۽ نظرياتي وابستگي جو بي مثال مظاهرو ڪيو جنهن جو قائد محمد نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز ۽ حمزه شهباز سميت پوري پارٽي اعتراف ڪري ٿي. قرارداد ۾ چيو ويو ته توهان جي پارٽي، ان جي قيادت، نظريي ۽ منشور جي جهنڊي کي حالتن جي سختين ۾ پڪڙي رکڻ تي قابل فخر ئي نه قابل تقليد ۽ قابل رشڪ به آهي. انشاءَ الله انهي جذبي سان اسان پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍي ترقي جي منزل سان همڪنار ڪنداسين. مريم اورنگزيب ڪشمير ڪاز سان تاريخي، روايتي ۽ مضبوط وابستگي جو ورجاءُ ڪندي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بهادر عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي قرارداد پڻ جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ پيش ڪئي جيڪا اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل جو هي اجلاس ڪشمير ڪاز سان پنهنجي تاريخي، روايتي ۽ مضبوط وابستگي جو ورجاءُ ڪندي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بهادر عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ريفرنڊم جي منصفاڻي جدوجهد جي مڪمل تائيد ۽ حمايت ڪندي ڪشميري عوام جي قربانين کي خراج عقيدت ۽ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿو. هن جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ 9 مئي 2023ع جي سانحي جي مذمت ڪرڻ جي قرارداد پڻ پيش ڪئي وئي جيڪا اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو ويو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس 9 مئي سانحي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪري ٿو ته قومي ادارن ۾ ورڇ پيدا ڪرڻ، عوام ۽ فوج ۾ ڏار وجهڻ جي ڪڌي سازش ڪندڙ ڪردارن، سهولتڪارن ۽ منصوبي سازن کي ملڪي قانون موجب سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن اڳتي ڪير به ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جي اهڙي ڪڌي سازش نه ڪري سگهي. اجلاس شهيدن جي گهرڀاتين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿو. اجلاس قرار ڏي ٿو ته هڪ شخص پنهنجي ڪرپشن، ڦرلٽ ۽ قومي ناڻي جي نيلامي جي ڏوهه کي لڪائڻ جي لاءِ لشڪرڪشيءَ ڪئي قومي يادگارن، قومي هيروز جي علامتن جي بي حرمتي ڪئي، دشمن وانگر فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا، ريڊيو پاڪستان کي ساڙيو، مريضن کي لاهي ايمبولينسون ساڙيون، مسجدون، اسڪول ۽ ٻيون نجي ملڪيتون، تاريخي رڪارڊ ساڙي ڇڏيو. اجلاس قرار ڏي ٿو ته ادارن ۽ پاڪستان جي قومي مفاد جي خلاف اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ مهم هلائيندڙن کي قانون موجب سختي سان منهن ڏنو وڃي ۽ 9 مئي سانحي ۾ ملوث سرغنه کان وٺي ان سازش تي عمل ڪندڙن جي معاملي ۾ انساني حقن جي گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊه کي هر فورم تي رد ڪيو وڃي. آخر ۾ هن پاڪستان جي عوام کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي قرارداد جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي عوام 9 مئي سانحي جي واقعن جي نه رڳو مذمت ڪئي، مشڪل حالتن ۽ شديد پروپئگنڊه جي باوجود گمراهه نه ٿي پر آئين ۽ قانون، جمهوريت، شهيدن، غازين، ادارن ۽ قوم سان يڪجهتي ۽ حب الوطني جو مثالي مظاهرو ڪيو. عوام فتني، فساد ۽ سازشي عنصرن کي رد ڪيو جيڪو پاڪستان جي استحڪام، قانون آڏو سڀئي برابر هجڻ ۽ قانون جي حڪمراني جي لاءِ نيڪ سنئوڻ آهي. اجلاس ۾ اها قرارداد به اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں