اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم جيڪڏهن اڳ وانگر ڪورونا کان بچ??ءُ جي ضابطن تي عمل ڪيو ته ماڻهن سان گڏوگڏ پنهنجي ڪاروبار ۽ معيشت کي بچ??ئڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين، جيڪڏهن ايس او پيز تي عملدرآم?? نه ڪيو ويو ته صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي سگهي ٿي، گلگت بلتستان ۾ چونڊن کانپوءِ ڪورونا تيزي سان پ??ڙيو آهي، ڪورونا وبا جي ڏس ۾ اسان پنهنجو جلسو ملتوي ڪر?? رهيا آهيون ۽ سڄي ملڪ ۾ جلسن جلوسن تي پابندي هوندي، فيڪٽرين، دڪانن ۽ ڪاروباري مرڪزن ۾ ڪورونا کان بچ??ءُ جي ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، اسڪولن ۾ ڪورونا جي صورتحال جو وڌيڪ جائزو وٺي ايندڙ هفتي فيصلو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا بابت رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو.