اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته ڪورونا جي صورتحال جو قوم جي حيثيت ۾ مقابلو ڪرڻو آ??ي، وڌندڙ سرديءَ سان گڏ ڪورونا به وڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو آ??ي، ??لس?? جلوس ڪندڙ عوام جون جانيون خطري ۾ وجهي رهيا آهن، ??لس?? جلوس ٻن ٽن مهينن کانپوءِ به ٿي سگهن ٿا، جلسن جلوسن سان حڪومت کي ڪو فرق نه پون??و، پي ڊي ايم جلسن جي ڪري ملتان ۾ 64 ۽ پشاور ۾ 40 سيڪڙو ڪورونا جي مريضن لاءِ اسپتالن ۾ مخصوص بستر ڀرجي چڪا آهن، جڏهن وڌيڪ ماڻهو گڏ ٿيندا ته ڪورونا تيزي سان پکڙجن??و، عوام احتياطي تدبيرون اختيار ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪورونا کان بچائي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪورونا جي صورتحال بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.