اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ايوان جي ڪارروائي خوش اسلوبي سان هلائڻ لاءِ سياسي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن سان رابطي ۾ آهيان، من??نج?? خلاف ع??م اعتماد واري رٿ مخالف ڌر جو قانوني حق آهي، ايوان هلائڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ذميداري آهي، آئون پن??نج?? حلف جي گهرجن موجب ايوان هلائيندس، من??نج?? استعيفا جو مطالبو مخالف ڌر جي خواهش ٿي سگهي ٿي، آئون ايوان مان ملندڙ ميڊيٽ موجب پن??نج?? ذميداري سرانجام ڏيندو رهندس. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا جي نمائندن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ??ومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ واقعا افسوسناڪ آهن، اهڙا واقعا جمهوريت لاءِ سٺو سنئوڻ نه آهن، من??نج?? پوري ڪوشش هوندي آهي ته ايوان جي ڪارروائي کي قاعدن موجب هلايو وڃي، هن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر کي هڪ پيج تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته بجيٽ اجلاس ۾ ميمبر پن??نج?? تڪن جي ڳالهه ڪندا آهن ان لاءِ اهو بجث انتهائي اهم هوندو آهي، مخالف ڌر ۽ حڪومت ٻنهي کي درخواست آهي ته ايوان جي تقدس جو خيال رکن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته من??نج?? خلاف ع??م اعتماد جي رٿ آڻڻ مخالف ڌر جو قانوني حق آهي، مخالف ڌر پن??نج?? قانوني حق استعمال ڪري پر ايوان جي اندر پارلياماني روايتن جو خيال رکيو وڃي.