اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف عل??ي جي هدايت تي ٿر، سنڌ ۾ هندو شهري کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جي ذميوار شخص عبدالسلام ابو دائود کي سنڌ پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. صدر ڊاڪٽر ??ارف عل??ي ٿر ۾ هندو شهري کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي گهرو وزارت جي سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي هئي. ??يو??ن صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر ??ارف عل??ي چيو ته اهڙا واقعا ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي سگهن ٿا، اقليتن سا?? زيادتي اسلام جي روح جي منافي، آئين پاڪستان جي سنگين ??لا?? ورزي آهي، هن چيو ته آئين پاڪستان اقليتن جي حقن، مذهبي آزادي جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو، اقليتن کي سمورا حق حاصل آهن، رياست انهن جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته اهڙن واقعن جي روڪٿام معاشري جي سمورن ماڻهن جي گڏيل ذميداري آهي.