اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغان عوام کي امڪاني انساني بحران جي خطري کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري کان انساني مدد جي فراهمي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي پرڏيهي آفيس پاران جاري پريس رليز موجب پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ گڏيل جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي آ??رل??نڊ جي پرڏيهي ۽ دفاع واري وزير سائمن ڪووني سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻط??في لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻط??في تعاون جي فروغ ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزيرن افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. افغان عوام کي امڪاني انساني بحران جي خطري کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري پاران انساني مدد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير چيو ته آ??رل??نڊ يورپي يونين جو اهم ملڪ آهي، هن چيو ته پاڪستان آ??رل??نڊ سان ٻط??في لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته آ??رل??نڊ ۾ وڏي تعداد ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي استحڪام ۾ هڪ پل جو ڪم ڪن??ي آهي، پرڏيهي وزير موثر انداز ۾ ڪورونا وائرس وبا جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪاميابي تي آ??رل??نڊ حڪومت جي حڪمت عملي ۽ ڪوششن کي ساراهيو ان موقعي تي ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ آ??رل??نڊ جي وچ ۾ ٻط??في سياسي مشاورتي ميڪنزم کي فعال بڻائڻ ۽ اعليٰ سطح جي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ آ??رل??نڊ جي وچ ۾ واپار، سيڙ??ڪا??ي، ماحوليات، صحت تجديد جي قابل توانائي، زراعت، سياحت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻط??في تعاون کي وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، هن جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان پاڪستان جي حمايت تي آ??رل??نڊ جي قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ وبائي ۽ سيڪيورٽي صورتحال ۾ بهتري کي نظر ۾ رکندي ٽريول ايڊوائيزري تي نظرثاني جي قدمن جي واکاڻ ڪئي.