اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب جو پرائيويٽ بئنڪن کي شڪايت ڪندڙن جي ا??ائ??نٽ ۾ 12 لک رپين جي رقم جمع ڪرائڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پرائيويٽ بئنڪن بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي درخواست ڪئي هئي. واضح رهي ته نجمه سلطانه، زاهد شاهه ۽ طارق محمود چوڌري نالي شهرين جي ا??ائ??نٽس مان دوکيبازي ذريعي 12 لک رپين کان وڌيڪ جي رقم ڪڍي وئي هئي ڇو ته شڪايت ڪندڙن فراڊ ڪندڙن کي ٽيليفون تي پنهنجي بئنڪ ا??ائ??نٽس جا تفصيل ڏنا هئا. واضح رهي ته شڪايت ڪندڙن پنهنجي بئنڪن پ??ران آن لائين بئنڪنگ جي سهولت حاصل نه ڪئي هئي. بنا اجازت جي ا??ائ??نٽس مان رقم ٽرانسفر ڪرڻ تي بئنڪنگ محتسب پرائيويٽ بئنڪن کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ پنهنجي فيصلي ۾ ??يو هو ته بئنڪ صارفين کي پنهنجي مصنوعات بابت آگاهي ۽ تعليم ڏيڻ بئنڪن جي ذميواري آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پرائيويٽ بئنڪن پ??ران ڏني ويندڙ درخواست تي ??يو آهي ته صارفين جي اجازت کانسواءِ اليڪٽرانڪ فنڊ ٽرانسفر جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪري رقم جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. هن ??يو ته بئنڪون قانون تي عملدرآمد جي حوالي سان ڪي به دستاويز پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. اهڙي طرح صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب جو پرائيويٽ بئنڪن کي شڪايت ڪندڙن جي ا??ائ??نٽ ۾ 12 لک رپين جي رقم جمع ڪرائڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي.