اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته گرين پريزيڊنسي مصنوبي سان قومي خزاني کي 72.5 ملين روپين جي بچت ٿيندي جڏهن ته ان مان 35 سيڪڙو توانائي بچائي سگهجي ٿي، ان منصوبي کي مڪمل طور تي ايوان صدر جي توانائي جي ضروتن کي شمسي توانائي مان پورو ڪري سگهبو، ان قدم سان ساليانو 3144 ٽن ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ کي ماحول ۾ شامل ٿيڻ سان روڪي سگهجي ٿو جنهن سان ماحول جي بهتري ۾ مدد ملندي، ماحولياتي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت ??هي، ماڻهن ۾ ان حوالي سان شعور پيدا ڪرڻ ۽ آگاهي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ گرين پريزيڊنسي ۽ آءِ ايس او 50001 سرٽيفڪيشن جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سفارتڪارن، ماحولياتي ماهرن، سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي عهديدارن به شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 2018ع ۾ صدارت ??و منصب سنڀالڻ کانپوءِ ايوان صدر ۾ بجلي جي ضرورتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو ويزن پيش ڪيو جنهن کي مختلف ادارن جي تعاون سان 7 مهينن جي ٿوري عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويو آه??. ان مقصد لاءِ ايوان صدر ۾ هڪ ميگاواٽ جو سولر سسٽم لڳايو ويو آه?? جڏهن ته ماحول دوست قدمن سان گڏوگڏ ايوان صدر جي عمارت ۾ گرمي کي برداشت ڪندڙ پينٽ جو به استعمال ڪيو ويو آه??. ان قدم جي نتيجي ۾ پاڪستان جو ايوان صدر دنيا جي پهرئين صدارتي دفتر جو اعزاز حاصل ڪيو آه?? جنهن کي آءِ ايس او 50001 جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو آه??. ايوان صدر ۾ 10 هزار وڻ به پوکيا ويا آه?? جڏهن ته مياواڪي وڻ به لڳايو پيو وڃي. صدر چ??و ته حڪومت سان گڏوگڏ غير سرڪاري سطح تي به ماحولياتي مسئلن جي حل لاءِ قدم اڻٽر آه??، ماحول کي محفوظ بڻائڻ لاءِ معاشري جي هر ماڻهو کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هن چ??و ته پاڪستان ۾ ماحول جي بهتري لاءِ حڪومتي ۽ غير سرڪاري سطح تي قدمن جي ضرورت ??هي، پاڪستان گلوبل وارمنگ گهٽ ڪرڻ لاءِ وڻڪاري مهم جي ذريعي قدم کنيا آه??. ايوان صدر ۾ بجلي جي بچت لاءِ جيڪي قدم کنيا ويا ان کي ملڪ ۾ اختيار ڪرڻ جي ضرورت ??هي، بجلي جي بچت سان گڏوگڏ پاڻي جي بچت به ڪرڻ گهرجي، سڄي دنيا ۾ ريسائڪلنگ جو نظريو اڀري رهيو آه??، پلاسٽڪ جا ذرا سمنڊن ۾ ماحول کي خراب ڪري رهيا آه??، دنيا ۾ جن ملڪن ادارن کي قائم ڪيو اهتي اڳتي وڌي رهيا آه??، صدر چ??و ته وزيراعظم عمران خان ماحولياتي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آيه ۽ هن خيبرپختونخوا ۾ بلين ٽري سونامي منصوبو شروع ڪيو جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ 10 بلين ٽري سونامي منصوبو جاري آه?? جنهن ۾ سول سوسائيٽي سان گڏوگڏ معاشري جي سمورن طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهو به شامل آه??، صدر چيوته پاڪستان ۾ ماحول کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان بهترين ڪم ٿيو آه??، اسان کي پاڻي کي بچائڻ لاءِ به ڪوششون ڪرڻ گهرجن، حڪومت ان طرف به اڳڀرائي ڪئي آه??. ملڪ ۾ ڊيمز به ٺهي رهيا آه??. ايوان صدر ۾ اينگرو جي مدد سان مياواڪي جهنگل پوکي رهيا آه??، هن چ??و ته قدرتي روشني هر گهر ۽ عمارت ۾ هجڻ گهرجي جنهن سان توانائي جي بچت ٿيندي، صدر چ??و ته پاڪستان جي هر شهري کي ماحول ۽ پاڻي جي بچت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. عالمي سطح تي بک جو ذڪر ڪندي هن چ??و ته افغانستان ۾ جنگ تي اربين ڊآلر خرچ ڪيا ويا، ان سان دنيا مان بک ختم ٿي سگهي پي، انسانيت جي حوالي سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسان دنيا کي تباهه ڪري رهيا آه??ون، ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته ماحول جي حوالي سان پاڪستان جي عوام جو شعور وڌي رهيو آه??، قدرتي فن تعمير انساني فن تعمير کان بهتر آه??، جنهن کي محفوظ رکڻ گهرجي. هن چ??و ته سياحتي ماڳن تي مقامي ماڻهن جي بدران گندگي سياح پکيڙيندا آه?? جنهن جي حوصلا شڪني جي ضرورت ??هي، گلوبل وارمنگ جي ڪري دنيا تي دٻاءُ آه?? ۽ پاڪستان پنهنجي طور تي ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهيو آه??، پاڪستان کي ماحولياتي مسئلن جي ڪري ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن جو وڌيڪ منهن ڏيڻُو پوندو آه??. جڏهن ته ماحول کي بگاڙڻ ۾ اسان جو حصو گهٽ آه??، صدر چ??و ته ان اهم منصوبي ۾ سوئي نادرن گئس پائيپ لائين لميٽيڊ سميت ڪيترن ئي ادارن اهم ڪردار ادا ڪيو آه??. تقريب کي پنهنجي خطاب ۾ ايسوسيئيشن آف انرجي انجنيئز جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر بل ڪينٽ ايوان صدر کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي قدم تي تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد پيش ڪندي چ??و ته پاڪستان جو ايوان صدر دنيا جو پهريون صدارتي آفيس آه?? جنهن کي آءِ ايس او انرجي مينيجمينٽ سسٽم سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو آه??، ان قدم سان ماحول دوست توانائي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ٿئي ٿو، تقريب کي خطاب ڪندي ايس جي ايس پاڪستان جي عبدالرزاق لاکاڻي چ??و ته صدر جي هدايت تي ايوان صدر کي سولر انرجي تي منتقل ڪيو ويو آه?? ان ڪاميابي تي هن شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد پيش ڪندي چ??و ته سمورن حڪومتي کاتن ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن کي به اهڙا ئي قدم کڻڻ گهرجن. گرين بلڊنگ ڪائونسل پاڪستان جي راشد رشيد تقريب کي خطاب ڪندي چ??و ته پاڪستان ماحولياتي مسئلن جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آه??، ايوان صدر ۾ برسات جي 75 سيڪڙو پاڻي جو به بهتر انتظام ڪيو پيو وڃي جڏهن ته هڪ ميگاواٽ سولر سسٽم لڳايو ويو آه??، سڄي ملڪ ۾ اهڙن قدمن جي ضرورت ??هي. تقريب ۾ عبدالرزاق لاکاڻي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر شاهد شوڪت کي ايوان صدر جو آءِ ايس او 50001 جو سرٽيفڪيٽ پيش ڪيو جڏهن ته گرين بلڊنگ ڪائونسل سرٽيفڪيٽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر راشد رشيد کان وصول ڪيو، ان موقعي تي ايس اين جي پي ايل جي سينئر جنرل مينيجر ثابت ارباب، اينگرو جي سيد ظهير مهدي، نپان پينٽ جي صمد ظهير، اوساڪا لائٽنگ جي منصور، ماسٽر ٽائلز جي شيخ محمود اقبال، عبدالرزاق لاکاڻي، ارشد رشيد ۽ شاهد شوڪت کي به يادگاري شيلڊ پيش ڪئي وئي.