اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي خصوصي هدايتن تي هلندڙ سال سڄي ملڪ ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ شاندار طريقي سان ملهايو ويو، خاتم النبيين حضرت محم?? ﷺ جي يوم ولادت جي موقعي تي ڏينهن جو آغاز فجر جي ادائيگي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ والاريل فلسطين جي جلد آزادي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيو. ان موقعي تي سڄي ملڪ جي مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ قرآن خواني ڪئي وئي، جڏ??ن ته پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ جي روشني ۾ ملڪي بقاءَ، ملڪ جي سلامتي، قومي استحڪام، نطرياتي ۽ جاگرافيائي ??رحدن جي حفاظت، اسلام جي سربلندي، آئين ۽ قانون جي بالادستي، اتحاد بين المسلمين، بين المذاهب هم آهنگي، اتحاد ?? اتفاق، ڀائيچاري جي فضا جي فروغ، مستقل بنيادن تي امن جي بحالي، دهشتگردي، انتهاپسندي، بدامني، غربت، بيروزگاري، مهانگائي ??ي خاتمي، عوامي ڀلائي ۽ قومي خوشحالي جون خصوصي دعائون به ڪيون ويون. وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 جڏ??ن ته صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ 21 ،21 توپن جي سلامي ڏني وئي، جشن عيدميلاد النبي صه ڀرپور مذهبي عقيدت ۽ احترام ۽ ان عزم سان ملهايو پيو وڃي ته نبي آخر الزمان صه جي تعليمات کي ڀرپور انداز ۾ عام ڪيو ويندو. عيد ميلاد النبي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ محفلن، جلسلن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، سمورين تقريبن ۾ ڪورونا ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪيو پيو وڃي.