اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته معاشي سرگرمين جي فروغ لاءِ بهتر ۽ گهٽ ل??ڳت جي بنيادي ڍانچي جي تعمير جي لاءِ پرعزم آهيون، سيالڪوٽ – کاريان موٽروي منصوبو گيم چينجر ثابت ٿيندو، ملڪ جي ق??مت?? مالي وسيلن جي بچت جي لاءِ معياري ۽ گهٽ ل??ڳت جا رستا تعمير ڪيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ – کاريان راولپنڊي موٽروي جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزي??اع??م جي ناڻي واري صلاحڪار ش??ڪت فياض ترين ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزي??اع??م چيو ته اسان جو مقصد ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ بهتر ۽ گهٽ ل??ڳت رستا تعمير ڪرڻ آهي، سيالڪوٽ – کاريان موٽروي جي راولپنڊي تائين توسيع جو منصوبو گيم چينجر ثابت ٿيندو ۽ ان سان علائقي ۾ سامان ۽ خدمتن جي موثر چرپر کي يقيني بڻائي سگهبو. وزي??اع??م کي ٻڌايو ويو ته اين ايڇ اي نه رڳو وڌيڪ نوان رستا ٺاهي رهي آهي پر بهتر معيار ۽ گهٽ ل??ڳت ج?? رستن جي تعمير لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزي??اع??م کي ٻڌايو ويو ته 1753 ڪلوميٽر جي نئين رستن جا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. چئن ڦاڪن وارو رستو 17 ڪروڙ رپيا في ڪلو ميٽر جي حساب سان تعمير ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اڳوڻي حڪومتن جي دورن ۾ اهو رستو 37 ڪروڙ رپيا في ڪلو ميٽر جي حساب سان تعمير ڪيو ويندو هو. تازو ئي شروع ٿيندڙ سيالڪوٽ – کاريان موٽروي اڳوڻي حڪومت پاران تعمير ڪئي ويندڙ سيالڪوٽ – لاهور موٽروي کان 10 ڪروڙ رپيا في ڪلوميٽر گهٽ ل??ڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. وزي??اع??م لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملڪ جي ق??مت?? مالي وسيلن کي بچائڻ لاءِ گهٽ کان گهٽ ممڪن لاڳت تي معياري انفراسٽرڪچر جي تعمير جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن.