اسلام آباد ?? 18 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ سياحت جي شعبي جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ص??ت ڪارڊ جي فراهمي سان عوام کي معياري علاج جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاق??ت ڪئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري ترقيا??ي ڪمن خاص طور تي سياحت جي فروغ جي لاءِ جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پلان، ٻيلن جي تحفظ جي لاءِ قدمن ۽ صوبي ۾ جاري انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ ص??ت ڪارڊ ۽ ان سان عوام جي بنيادي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.