اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي را??دين جي پروگرام ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو جو افتتاح اڄ سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪندو. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪامياب جوان پروگرام ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي حصيداري سان نوجوانن کي غيرنصابي ۽ را??دين جي سرگرمين ۾ مصروف رکڻ جي لاءِ چار ارب رپين جا 4 نوان منصوبا شروع ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو جهڙو ميگا پراجيڪٽ پڻ شامل آهي. پاڪستان جي مقامي ٽيلنٽ کي عا??مي سطح تي موقعا فراهم ڪرڻ ۽ ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ منصوبي جي پهرين فيز ۾ 12 را??ديون بشمول هاڪي، ڪرڪيٽ، فٽ بال، هينڊ بال، ريسلنگ، ويٽ لفٽنگ، اسڪواش، والي بال، اسڪي، جوڊو، باڪسنگ ۽ ايٿليٽڪس شامل آهن. مهم ۾ سڄي ملڪ ۾ 11 کان 25 سالن جي نوجوانن بشمول عورتن جي لاءِ را??دين جا موقعا منعقد ڪيا ويندا. را??دين جا اهي مقابلا ملڪ جي س??ورن صوبن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي 25 علائقن ۾ منعقد ڪيا ويندا ۽ هڪ ڪروڙ نوجوانن کي س??يڪشن جي عمل مان گذاريو ويندو. را??دين ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ نوجوانن کي عا??مي معيار جي پيشيواراڻي تربيت ڏني ويندي.