واشنگٽن-20 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي رياست ڪولوراڊو جي سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي جنوري 2021ع ۾ ڪيپيٽل هل تي حملي ۾ ملوث هجڻ تي آمريڪي صدارت لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو ??هي ۽ اڳوڻي صدر چيو ??هي ته هو ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪندو. انڊپينڊنٽ اردو جي رپورٽ موجب اهو عدالتي حڪم جيڪو رڳو ڪولوراڊو پرائمري بيلٽ تي لاڳو ٿئي ٿو، ڪولوراڊو جي عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ??هي ته پينل جي ميمبرن جي اڪثريت جو خيال آهي ته صدر ٽرمپ کي رياست جي آئين جي 14 هين ترميم جي سيڪشن ٽي تحت صدر جي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي ٿو، فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ??هي ته نااهل قرار ڏيڻ کانپوءِ ڪولوراڊو سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي چونڊ ضابطن تحت صدارتي پرائمري بيلٽ تي اميدوار طور ڊونلڊ ٽرمپ جي داخلا غلط هوندي. عدالتي حڪم موجب ڊونلڊ ٽرمپ 4 جنوري 2024ع تائين ان فيصلي خلاف آمريڪي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهي ٿو، ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم جي ترجمان اسٽيون چيونگ هڪ بيان ۾ چيو ??هي ته اسان جلد ئي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنداسين ۽ ان شديد غير جمهوري فيصلي کي روڪڻ لاءِ گڏجي درخواست داخل ڪنداسين. هن ڪيس جو فيصلو ڪندڙ ججن تي ڊيموڪريٽس جا مقرر ڪيل هجڻ جو الزام لڳاي??. ه?? چيو ??ه ڊيموڪريٽ پارٽي جي اڳواڻ ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ ۾ وڌندڙ مقبوليت سبب مايوسي جي حالت ۾ آهي، ان فيصلي تي سينئر ريپبلڪن اڳواڻن طرفان تنقيد به ڪئي وئي جنهن ۾ 2016ع جي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جو مخالف سينيٽر مارڪورو بيو ??ه شامل آهي، 2024ع جي صدارتي چونڊن ۾ نامزدگي جي ڊور ۾ شامل وويڪ راما سوامي ان کي سياسي مخالفن کي خاموش ڪرڻ لاءِ چونڊ مداخلت جو حربو قرار ڏن??. ه?? هڪ بيان ۾ چيو ??ه هي فيصلو جمهوريت تي حملو آهي.