پشاور – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نوجوانن جو روزگار جو مسئلو آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب سان حل ٿيندو، انقلاب ڳالهين ۽ دعوائن سان نه پر رڳو ڪم سان اچي ٿو، ماضي ۾ منصوبن جا اعلان ۽ سنگ بنياد رکيا ويند?? هئا جڏهن ته منصوبا مڪمل نه ٿيند?? هئا، ??سان جي حڪومت جيڪو منصوبو شروع ڪيو اهو مڪمل ڪيو، موجوده حڪومت هزارين ڪلوميٽر موٽرويز ۽ 10 هزار ميگاواٽ ب??لي پيدا ڪئي جڏهن ته نيشنل انڪيوبيشن سينٽر قائم ڪرڻ جو منصوبو وڌيڪ اهم آهي، نوجوانن کي روزگار ملندو ته ا??تهاپسندي جو خاتمو ٿيندو. هو پشاور ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته پبلڪ پرائيويٽ حصيداري ۾ قائم اداري جو افتتاح هن علائقي ۽ آءِ ٽي جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هي انڪيوبيشن سينٽر پائليٽ پراجيڪٽ آهي. هن چيو ته هزارين ڪلوميٽر موٽرويز، 10 هزار ميگاواٽ ب??لي جي پيداوار، اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جا منصوبا مسلم ليگ (ن) جي موجوده دور ۾ مڪمل ٿيا يا جاري آهن جڏهن ته ا??ڪيوبيشن سينٽر قائم ڪرڻ جو منصوبو وڌيڪ اهم آهي، ان سان نوجوانن کي مستقبل جي رهنمائي ملندي.