اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ جو دائرو ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور تائين وڌائي ڇڏيو آهي، آڪٽوبر تائين اهو پروگرام چئني صوبن جي 29 شهرن ۾ 40 ٽرڪن جي ذريعي مفت کاڌو پهچايو ويندو، ان سان روزاني 40 هزار ماڻهو ۽ ساليانو 14 لک 60 هزار ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته احساس ڪير بکيو نه سمهي پروگرام تحت ڏهاڙيدار ?? مزدور طبقي کي مفت کاڌو پهچايو پيو وڃي، ان سان ڏهاڙيدار ?? مزدور طبقو کائڻ پيئڻ تان بچندڙ رقم به پنهنجي گهرڀاتين کي موڪلي سگهن ٿا، 4 اضافي کانپوءِ 16 ٽرڪ فوڊ فراهم ڪري رهيو آهن.