اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته حڪومت انساني همد??دي جي بنياد تي ميان نواز شريف کي چئن هفتن جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ علاج جي لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان جو نالو اي سي ايل مان ناهي ڪڍيو ويو پر کيس هڪ ڀيرو ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، هو 7 ارب رپين جو شوئرٽي بانڊ جمع ڪرائي ٻاهرئين ملڪ وڃي سگهي ٿو، وڪيل، ڊاڪٽرن جي راءِ ۽ عدالتي فيصلن کي نظر ۾ رکندي ان کي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزي??اع??م جي احتس??ب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.