اسلام آباد – 25ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي مسيحي ڀائرن کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ مسيحي برادري جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، اسان هڪ اهڙو معاشرو بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون جتي اختلاف راءِ جو احترام هجي، صبر ۽ برداشت جو ماحول هجي ۽ سمو??ن شهرين کي برابر حق ۽ موقعا ميسر اچن. اسان سڀ گڏجي پنهنجي ٻارن لاءِ هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان بڻائي رهيا آهيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.