اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير ڊ??ڪٽر بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته قانون ۽ انصاف واري وزارت گذريل 20 مهينن دوران 60649 مان اٽڪل 99 سيڪڙو ڪيس اڪلايا آهن. عوامي مفاد ۾ قانون سا??ي تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون. وزارت گذريل ڏينهن ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري هنگامي بنيادن تي ذخيره اندوزي ۽ ??سم??لنگ خلاف آرڊيننس بڻايا ته جيئن ڪورونا سان پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ عاوم لاءِ آسانيون پيدا ڪري سگهجن. ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف آرڊيننس تي عمل درآمد شروع ٿي چڪو آهي. انسداد ??سم??لنگ آرڊيننس اڱاري تائين جاري ڪيو ويندو. صنعتن ۽ اوورسيز پاڪستانين بابت قانون سا??ي تي مشاورت جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قانون ۽انصاف بابت پارلياماني سيڪريٽري بيرسٽر مليڪه بخاري ۽ قانون ۽ انصاف واري سيڪريٽري مشيع الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.