پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم شهباز شريف

image
APP11-070522 ISLAMABAD: May 07 - Charge d’ Affaires, Mr. Thomas Seiler with delegation of the European Union (EU) to Pakistan, call on Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif. APP

اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلي ۽ قانوني لڏپلاڻ سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب يورپي يونين جي پاڪستان ۾ وفد جي ناظم الامور ٿامس سيلر وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ناظم الامور شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي يورپي ڪائونسل جي صدر ۽ يورپي يونين جي صدر پاران نيڪ خواهشون پهچايون. وزيراعظم ناظم الامور پاران مبارڪباد جي پيغام تي سندن ٿورا مڃيندي پاڪستان ۽ يورپي يونين ۽ ان جي ميمبر ملڪن جي وچ م لاڳاپن جي اهميت تي روشني وڌي. وزيراعظم پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ مضبوط سيڙپڪاري لاڳاپا آهن، جن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ موسمياتي ۽ ليگل مائيگريشن سميت مخلف شعبن ۾ لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻنهي طرفن جي اعليٰ سطح جي وفدن جي باقاعدگي سان مٽاسٽا ٿئي ته جيئن خطي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام سان لاڳاپيل معاملن جي ڏس ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ گهرو ۽ گڏيل تعاون ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي. يورپي يونين جي ناظم الامور يورپي يونين جي پاڪستان سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين هلندڙ سال پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 60 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۽ برسلز ۾ تقريبون منعقد ڪيون وڃن.

مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن
متعلقہ مضامین
مزید خبریں