وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪ عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اربع ڏينهن انقره روانو ٿيندو: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان زلزلي سبب تباهي ۽ جاني نقصان تي افسوس ۽ تعزيت ۽ ترڪ عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اربع ڏينهن انقره روانو ٿيندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم پاران ترڪيه جي دوري جي ڪري خميس 9 فيبروري تي گهرايل اي پي سي ملتوي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته وزيراعظم اربع ڏينهن انقره روانو ٿيندو. اتان واپسي کانپوءِ اتحادين سان مشاورت سان اي پي پي جي نئين تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.

مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں