قانونن تي عمل نه ڪنداسين ته رستن تي موت جو شڪار ٿينداسين، سياست به ائين آهي، اسان جو آئين قاعدن جو مجموعو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

image

اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حادثن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن کان بچڻ جي لاءِ قانونن تي عملدرآمد کي لازمي قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته توهان جو خيال ٿي سگهي ٿو ته ٽريفڪ حادثا ڪو اهم موضوع نه آهي پر جيڪڏهن اسان قانونن تي عمل نه ڪنداسين ته رستن تي موت جو شڪار ٿينداسين. صدر چيو ته سياست به ائين آهي، اسان جو آئين قاعدن جو مجموعو آهي. قانون ٽوڙيندڙن جي مفادن کي پورو ڪرڻ لاءِ بهانا ڪرڻ بدران پنهنجو پاڻ کي آئين جو پابند بڻائڻ گهرجي.

مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب
متعلقہ مضامین
مزید خبریں