وزيراعظم پاران بولان ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار

image

اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي شهر بولان ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شهيد قوم جا هيرو آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بلوچستان جي شهر بولان ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪار قوم جا هيرو آهن. وزيراعظم انهن جي روح جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته سندس دلي تعزيت ۽ دعاڳون سوڳوار خاندانن سان گڏ آهن.

مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں