صدر پاران پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد اختر کي قائداعظم يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ جي منظوري

image

اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد اختر جي قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سرچ ڪميٽي جي سفارشن تي ٽن اميدوارن جا تفصيلي انٽرويو ڪيا هئا. سرچ ڪميٽي نياز احمد اختر، راحيل قمر ۽ فضل خالد جا نالا تجويز ڪيا هئا. صدر وائيس چانسلر جي مقرري جي منظوري قائداعظم يونيورسٽي ايڪٽ تحت ڏني آهي.

مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria
متعلقہ مضامین
مزید خبریں