وزيراعظم رمضان پئڪيج تحت خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ وفاقي گادي واري شهر ۾ مفت اٽي جي فراهمي شروع ٿي چڪي آهي، بلوچستان، سنڌ ۾ به تمام جلد مفت اٽي جي فراهمي شروع ٿي ويندي، وزيراعظم جي هدايتن تي سستي پيٽرول جي اسڪيم تي پڻ تيزي سان ڪم جاري آهي: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم رمضان پئڪيج تحت خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ وفاقي گادي واري شهر ۾ مفت اٽي جي فراهمي شروع ٿي چڪي آهي، بلوچستان، سنڌ ۾ به تمام جلد مفت اٽي جي فراهمي شروع ٿي ويندي، وزيراعظم جي هدايتن تي سستي پيٽرول جي اسڪيم تي پڻ تيزي سان ڪم جاري آهي، ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال ۽ آءِ ايم ايف سان جاري ڳالهين واري عمل جي باوجود وزيراعظم رمضان المبارڪ ۾ عوام جي مفت اٽي جو تحفو ڏنو آهي. هو ملڪي صورتحال جي حوالي سان ڳالهائي رهي هئي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي عوام کي هڪ خوشخبري کان آگاهه ڪري رهي آهيان، خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ مفت اٽي جي ورڇ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، پاڪستان ۾ هن وقت جيڪا معاشي صورتحال، آءِ ايم ايف جو معاهدو اڃان ڳالهين جي عمل ۾ آهي ان ۾ عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ ان جذبي، نيت ۽ عزم جو عهد ڪري ٿو ته شهباز شريف سدائين پاڪستان جي عوام جي مشڪلاتن بابت سوچيو ۽ سهولت فراهم ڪئي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊيٽا کي استعمال ڪندي مفت اٽي جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم جو اهو ئي ويزن بلوچستان ۽ سنڌ ۾ به شروع ٿي ويندو. هن چيو ته وزيراعظم جو ٽريڪ رڪارڊ آهي جڏهن به ملڪ ۾ ٻوڏ هجي، قدرتي آفت يا رمضان پئڪيج هجي يا ڪو به عوامي خدمت جو منصوبو هجي ان جي شفافيت ۽ معيار جي مانيٽرنگ هو پاڻ ڪندو آيو آهي، ان جي ڪري کيس شهباز اسپيڊ سڏيو وڃي ٿو جيئن شفافيت جي منصوبن تي ڪا آڱر نه کڄي سگهي. هن چيو ته سستي پيٽرول اسڪيم تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي. سستي اٽي جي مد ۾ 74 ارب لاڳت ايندي، هن وقت تائين 42 لک ماڻهن تائين اٽي جا ٿيلها مفت ورهايا ويا آهن، پنجاب ۾ 41 لک، خيبرپختونخواهه هڪ ڏينهن جي اندر 75 هزار ٿيلها ۽ اسلام آباد ۾ 20 هزار ٿيلها هڪ ڏينهن ۾ ورهايا ويا آهن، وزيراعظم پاڻ قصور ۽ لاهور جو دورو ڪيو ۽ مفت اٽي جي فراهمي جي عمل ۽ مشڪلاتن جو جائزو ورتو. پهريون ڀيرو ان سطح تي سستي اٽي جي فراهمي ٿي رهي آهي ته ڪجهه مشڪلاتون سامهون آيون جنهن تي وزيراعظم پاڻ ٻاهر نڪتو ۽ ماڻهن کان اٽي جي مفت فراهمي ۾ درپيش مشڪلاتن بابت پڇيو آهي، وزيراعظم باقي علائقن ۾ به ويندو، انتظاميا اٽي جي معيار بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو آهي، وزيراعظم ڏهاڙي جي بنياد تي ان حوالي سان رپورٽ وٺي ٿو، رمضان المبارڪ ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي. هن چيو ته (ن) ليگ سدائين عوام جي خدمت ڪئي آهي، بجلي جا منصوبا هجن يا صحت ڪارڊ، ميٽرو بس هجي يا يوٿ اسڪيم، ليپ ٽاپ جي فراهمي هجي يا سستي قرضن جي فراهمي هجي اهو سڀ ڪجهه (ن) ليگ جي دور حڪومت ۾ ٿيو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت وئي ته مهانگائي جي شرح 2.4 هئي، چار سالن دوران مهانگائي جي شرح 25 سيڪڙو تائين پهچي وئي، 2018ع تائين محمد نواز شريف اٽي جي قيمت في ڪلو 55 رپين کان وڌڻ نه ڏني، کنڊ جي قيمت 52 رپيا، گيهه، مصالحن، ڀاڄين جي شرح 2.4 سيڪڙو تي هئي. هن چيو ته جڏهن خزانو ڀريل هو ته ان وقت خزاني کي ڦريو ويو ۽ عوام کي تڪليف ڏني وئي، اٽي، کنڊ چورن عوام کي ڦريو، عوام کي مشڪلاتن ۾ وڌو ويو، اهي ماڻهو جيڪي خزاني کي ڦري ويا آهن، آءِ ايم ايف جو اهو پروگرام ڏئي ويا آهن جنهن سان ملڪ ۾ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي، اڄ اهي ئي چور عدالتن ۾ پيش به نه ٿي رهيا آهن. هن چيو ته رمضان ۾ عوام کي ڏني ويندڙ سستي اٽي ۽ پيٽرول جي سهولت بنا رڪاوٽ جاري رهندي، هڪ ڊيش بورڊ ٺاهيو ويو آهي جتي سمورين مشڪلاتن جو جائزو ورتو پيو وڃي. هن چيو ته شهباز شريف ٻوڏ جي صورتحال تي جهڙي طرح ضابطو آندو ان جو مثال نه ٿو ملي، ٻوڏ جي سمورين ريليف سرگرمين جو هن پاڻ جائزو ورتو آهي. هن چيو ته اڄ جيڪو شخص ملڪ ۾ فساد، انارڪي چاهي ٿو اهو ان وقت شهباز شريف جو مذاق اڏائيندو هو جڏهن هو فيلڊ ۾ وڃي عوام جي تڪليف ۽ ڏکن جو مداوو ڪندو هو.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں