وطن جي شهيدن ۽ غازين کي عقيدت جو سلام پيش ڪرڻ لاءِ ”تڪريم شهداءِ پاڪستان ڏهاڙو“ خميس ڏينهن ملهايو پيو وڃي: وزيراعظم شهباز شريف

image

اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وطن جي شهيدن ۽ غازين کي عقيدت جو سلام پيش ڪرڻ جي لاءِ ”تڪريم شهداءِ پاڪستان ڏهاڙو“ سڀاڻي خميس ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ان ڏينهن دنيا کي ڏيکاري ڇڏيو ته اسان شهيدن سان محبت ۽ انهن جو احترام ڪندڙ قوم آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قوم جو هر ٻار سڀاڻي قومي جذبي سان سرشار ٿي گهرن مان نڪري، شهيدن جي مزارن، يادگارن تي حاضر ٿي گل نڇاور ڪري. فاتحه خواني ڪري. دنيا کي ڏيکاري ڇڏيو ته اسان شهيدن سان محبت ۽ احترام ڪندڙ قوم آهيون.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں