هڪ سال جي مختصر عرصي دوران واپاري خساري ۾ 74 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي: سينيٽر اسحاق ڊار

image

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) هڪ سال جي مختصر عرصي دوران واپاري خساري ۾ 74 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. وفاقي بجيٽ کي پيش ڪندي سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته موجوده حڪومت هڪ سال جي مختصر عرصي دوران واپاري خساري ۾ 74 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي آهي ۽ مالي سال 23-2022ع جي پڄاڻيءَ تائين هي خسارو گهٽ ٿي تقريبن 4 ارب ڊالرن تائين رهجي ويندو. اهڙيءَ طرح واپاري خسارو جيڪو مالي سال 22-2021ع ۾ 48 ارب رپيا هو، مالي سال 23-2022ع جي پڄاڻيءَ تي تقريبن 26 ارب ڊالر متوقع آهي. اهڙيءَ طرح هڪ سال ۾ واپاري خساري ۾ 22 ارب ڊالرن جي گهٽتائي آندي وئي.

مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث
متعلقہ مضامین
مزید خبریں