صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي پاران ورلڊ جونيئر اسڪوائش چيمپئنشپ کٽڻ تي حمزه خان جي تعريف

image

اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي حمزه خان کي پاڪستان جي لاءِ پهرين عالمي اسڪوائش چيمپيئنشپ 2023ع کٽڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته پاڪستان جي اسڪوائش ۾ اڃا تائين بي مثال بالادستي آهي. هن چيو ته مان ذاتي طور تي پنهنجي عظيم رانديگرن جون ڪيتريون ئي فائينل ڏٺيون آهن. هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ اسڪوائش ۾ اميد جو هڪ نئون ڪرڻو نظر آيو، ڏاڍو سٺو حمزه خان.

مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل
متعلقہ مضامین
مزید خبریں