اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪورونا وائرس جي ويڪسين حاصل ڪرڻ، استعمال جي طريقيڪار جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سڀ کان اڳ ڪورونا وائرس جي خلاف وڙهندڙ هيلٿ ورڪرز، ٻي ترجيح ۾ 60 سالن جي عمر کان ??ڏن ماڻهن جڏهن ته ٽئين ترجيح ۾ ڪورونا وائرس جي عام مريضن کي اها ويڪسين لڳائي ويندي، 2021ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ ڪورونا ويڪسين پاڪستان ??هچڻ جو ??مڪان آهي، ڪابينا ڪورونا جي علاج ۾ موثر ثابت ٿيندڙ دوا REMDESIVIR جي 100 ملي گرام انجيڪ??ن جي قيمت 9244 رپين مان گهٽ ڪري 5680 رپيا مقرر ڪرڻ کانسواءِ ايئر سيال پرائيويٽ لميٽيڊ جي ريگيولر پبلڪ ??رانسپورٽ لائيسنس جي تجديد، دفاع واري وزارت کي پاڪستان ??يوي انجنيئرنگ ڪاليج ۽ يلديز ٽيڪنيڪل يونيورسٽي ترڪيءَ جي وچ ۾ تعاون جي پروٽوڪول ۽ صحيحون ڪرڻ، پوسٽل لائيف انشورنس ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي مقرري ۽ اسلام آباد ميٽرو پوليٽن ڪلب جي عمارت وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي حوالي ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان بلڊنگ ۾ نيشنل ڪاليج آف آرٽس جو ??سلام آباد ڪئمپس قائم ڪرڻ جي والي سان ??ي رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا پنهنجون سفارشون جوڙيندي.