اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 2021ع ۾ پاڪستانين کي يونيورسل هيلٿ سروسز ڏينداسين ۽ ڪو پاڪستاني بکيو نه سمهندو، ڪاروبار دوست پاليسيون ٺاهينداسين، صنعتن کي مراعتون ڏينداسين، پاڪستانين کي غربت مان ڪ??ڻ، صنعتن کي فروغ، زرعي پيداوار ۾ اضافي لاءِ چين جي تجربن مان رهنمائي حاصل ڪنداسين. هو هتي پاڪستان ۾ متعا??ف ٿيندڙ گاڏين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وفاقي وزير حماد اظهر ۽ جاويد آفريدي به خطاب ڪيو. وزيراعظم جاويد آفريدي ۽ فيصل آبادي کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ انڊسٽريلائيزيشن ۾ بهترين حصيدار چين آهي، پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير ميئر رهي چڪو آهي ۽ هو ترقي جي اهميت کان آگاهه آهي، اسان پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ چين کان سکي سگهون ٿا، ان جي تيز رفتار ترقي اسان جي لاءِ ماڊل آهي، جهڙي طرح چين ٿوري عرصي ۾ ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪ??يو، جهڙي طرح صنعتي شعبي کي فروغ ڏنو، جهڙي طرح سرمايو آندو ان جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياس?? بڻائڻ ۽ پاڪستانين کي غربت مان ڪ??ڻ حڪومت جو بنيادي هدف آهي. اسان صنعتي ??قت??ادي زونر ٺاهيا آهن، پوري ڪوشش هوندي چيني صنعت کي هتي پرڪشش مراعتون ڏيون ۽ هتي آڻيون.