اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر اسد قيصر سان خميس ڏينهن سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ ۾ قائدايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم به موجود هو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي ۽ ??ار??ياماني معاملن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مخالف ڌر ۽ حڪومتي ڌر کي سرگرم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ايوان ۾ خوشگوار ماحول ۾ بحث ۽ قانونسازي ??ار??يامينٽ جي عزت ۾ اضافو ڪندي، موجوده چونڊ عمل ۾ شفافيت وقت جي اهم ضرورت آهي، مخالف ڌر کي ??ار??ياماني ڪميٽ?? جي قيام جي لاءِ خط لکيا ويا آهن جواب جو انتظار آهي، مستقبل جي لاءِ چونڊ عمل تي اعتماد کي بحال ڪرڻ مخالف ڌر ۽ حڪومت جي گڏيل ذميداري آهي، اسد قيصر چيو ته چونڊ سڌاران جي لاءِ ??ار??ياماني ڪميٽ?? جي قيام جو مخالف ڌر پاران نالا وصول ٿيڻ تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.