اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ ف??تگ??ون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 102 ف??تگ??ون ٿيون جنهن مان 50 ف??تگ??ون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 70 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ م??بت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 70 سي??ڙو، لاهور ۾ 52 سي??ڙو، پشاور ۾ 38 سي??ڙو ۽ بهاولپور ۾ 42 سي??ڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي م??بت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 41 سي??ڙو، صوابي ۾ 47 سي??ڙو، گجرانوالا ۾ 49 سي??ڙو، ملتان ۾ 55 سي??ڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 51 هزار 528 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 17 هزار 123، پنجاب ۾ 20 هزار 272، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 693، اسلام آباد ۾ 3 هزار 897، بلوچستان ۾ هڪ هزار 377، گلگت بلتستان ۾ 298، آزاد ڪشمير ۾ 868 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 10 هزار 143 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 540 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 63 هزار 229 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 8 لک 93 هزار 461 آهي .