اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) ما??ول??ات جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ادارن ما??ول??اتي تبديلين جي خراب ا??رن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ايڪو نظام جي بحالي لاءِ پاڪستان جي قدمن کي ساراهندي قدرتي ماحول جي تحفظ لاءِ گڏيل عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. عالمي ادارن ما??ول??اتي تحفظ لاءِ پاڪستان جي حڪومت جي عزم ۽ قدمن جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ چيو ته ان ??ان ملڪ ۾ قدرتي ماحول ۽ آبگاهن جي تحفظ ۾ مدد ملندي. اها ڳالهه ما??ول??ات ۽ ما??ول??اتي تبديلين جي حوالي ??ان ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ادارن جي عهديدارن پاڪستان جي ميزباني ۾ ما??ول??ات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ميگا ورچوئل گالا ۾ پنهنجي پيغامن ۾ چئي. ما??ول??ات جي ع??ام?? ڏهاڙي جي موقعي تي ميگا ورچوئل گالا ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيو، گالا جي پهرين سيشن جي صدارت ما??ول??ات واري مملڪتي وزير ملڪ امين اسلم جڏهن ته ميزباني جا فرص سينيٽر فيصل جاويد ادا ڪيا، اجلاس جي آغاز تي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري ناهيد ايس دراني چيو ته ا??ان جي لاءِ اها خوشي ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ما??ول??ات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اهو ما??ول??ات جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي ??ان پاڪستان جي ڪوششن ۽ قدمن جو اعتراف آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي وسيلن مان ما??ول??ات جي تحفظ لاءِ قدم کنيا آهن، مشڪل چئلينجن جي باوجود وزيراعظم عمران خان سرسبز ۽ شاداب ايجنڊا کي مرڪزي حيثيت ڏني آهي، سيڪريٽري چيو ته پاڪستان قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻيلن جي رقبي ۾ اضافي، ماحول دوست معيشت ۽ روزگار، آبگاهن جي تحفظ ۽ عورتن ۽ نوجوانن سميت ملڪي آبادي کي روزگار جي فراهمي لاءِ جامع پروگرام جوڙيو آهي، گڏيل قومن جي اداري يو اين سي سي ڊي جي ايگزيڪيٽو سيڪريٽري ابراهيم ميگا گالا ۾ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ما??ول??اتي تحفظ ۽ ايڪو نظام جي بحالي لاءِ مضبوط سياسي عزم جي ضرورت آهي.