اسلا?? آباد – 23 جون (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڪينيا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، معيشت ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هو ڪينيا جي چيف آف ڊينس فورسز جنرل رابرٽ ڪريوڪي ڪيبوچي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيو هو ج??هن ساڻس ملاقات ڪئي.