اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي ان عز?? جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان سمورن افغان گروپن جي نمائندگي رکندڙ ٺوس سياسي حل جي ل??ءِ پرعزم آهي جيڪو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي ۽ عالمي برادري ۽ سمورين افغان ڌرين سان گڏجي ٺوس سياسي حل جي ل??ءِ ڪم ڪن??و رهندو. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو جيڪو افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي ل??ءِ طلب ڪيو ويو هو. اجلاس ۾ سينيئر ڪابينا ميمبرن ۽ سروسز چيفس شرڪت ڪئي. شرڪت ڪن??ڙن کي افغانستان ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ان جي پاڪستان ۽ خطي تي ممڪن اثرن تي بريفنگ ڏني وئي. خطي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. قومي سلامتي ڪميٽي نوٽ ڪيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ڏهاڪن تي ٻ??ل جاري تڪرارن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي تنهن ڪري هو خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته عالمي برادري پاڪستان جي چار ڏهاڪن کان ڏني ويندڙ قربانين جو اعتراف ڪري. شرڪت ڪن??ڙن ان عز?? کي ورجايو ته پاڪستان افغانستان ۾ سمورن افغان گروپن جي نمائندگي رکندڙ ٺوس سياسي حل جي ل??ءِ پرعزم آهي جيڪو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي به ورجايو ويو ته پاڪستان عالمي برادري ۽ سمورين افغان ڌرين سان گڏجي ٺوس سياسي حل ۾ سهولت جي ل??ءِ ڪم ڪن??و رهندو. ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته افغانستان ۾ عدم مداخلت جي اصول تي سختي سان قائم رهڻ گهرجي. ڪميٽي ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته هيستائين تشدد جي ڪنهن وڏي واقعي کي ٿيڻ نه ڏنو ويو ۽ افغانستان ۾ سمورين ڌرين تي زور ڏنو ويو ته قانون جي عملداري جو احترام ڪيو وڃي، سمورن افغانين جي بنيادي انساني ??قن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني ??ڻايو وڃي ته ڪا به دهشتگرد تنظيم يا گروهه افغان سرزمين کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ڪري سگهي. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته افغانستان مان نڪرڻ جي خواهشمند سمورن پاڪستانين، سفارتڪارن، صحافين ۽ عالمي تنظيمن کي واپس آڻڻ جي ل??ءِ سمورين ممڪن سهولتن کي يقيني ??ڻايو وڃي. وزيراعظم ان ڏس ۾ ڪابل ۾ پاڪستاني ??فارتخاني ۽ رياستي مشينري جي جاري ڪوششن کي ساراهيو. ڪميٽي پاڪستان جي موقف کي ورجايو ته افغانستان ۾ تڪرار جو ڪڏهن به ڪو فوجي حل نه هو، تڪرار کي ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ جو بهترين وقت اهو ٿي سگهيو پئي جڏهن آمريڪا ۽ نيٽو جي فوج ڀرپور عسڪري طاقت سان افغانستان ۾ موجود هئي. افغانستان ۾ پرڏيهي فوج جي وڌيڪ ڊگهي عرصي تائين موجودگي سان به ڪي مختلف نتيجا نه نڪرن ها تنهن ڪري بائيڊن انتظاميا پاران فوج جي واپسي جي حوالي سان گذريل آمريڪي انتظاميا جي فيصلي جي توثيق حقيقت ۾ ان تڪرار جو منطقي حل آهي. ڪميٽي چيو ته عالمي برادري جي ل??ءِ هي وقت آهي ته اها افغانستان ۾ پائيدار امن، سيڪيورٽي ۽ افغانستان ۽ خطي جي ترقي جي ٺوس سياسي حل کي يقيني ??ڻائڻ جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪري.