اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ ٺوس سياسي حل اهميت رکندڙ آهي، 40 سالن کان جاري افغان تڪرار کي خت?? ڪرڻ جو موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانين کي پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي حاصل ٿي سگهي، پاڪستان ??ڏي?? قومن کي افغانستان جي لاءِ انساني مشن ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار ??ڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفون تي ٻولهه ٻولهه دوران ڪيو، ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ خاص طور ت?? انساني صورتحال تي ڌيان ڏنو ويو. وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ ٺوس سياسي حل ۽ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي روشني وڌي. وزيراعظم چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان ۾ 40 سالا تڪرار کي خت?? ڪرڻ جو موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانين کي پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي حاصل ٿي سگهي. وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان سان وڌيڪ ويجها لاڳاپا رکي جنهن ۾ انساني ضرورتن جي حل جي لاءِ اولين ترجيح ۽ معا??ي استحڪام يقيني بڻايو وڃي، اهڙن قدمن سان نه رڳو سيڪيورٽي کي سگهه ملندي پر افغان شهرين جو پنهنجي ملڪ مان وڏي پئمان?? انخلا به رڪجي سگهندو ۽ افغانستان ۾ پناهگيرن جي بحران کي روڪي سگهبو. وزيراعظم افغان عوام ک?? انتهائي ضرور?? انساني امداد پهچائڻ ۾ ??ڏي?? قومن جي اه?? ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ان حوالي سان پاڪستان پاران ??ڏي?? قومن ک?? انخلا ۽ لڏپلاڻ جي ڪوششن ۾ مدد سميت ڏني ويندڙ سهولتن تي روشني وڌي. ??ڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي پاڪستان جي مينڊيٽ جي پڄاڻي جي حوالي سان آگاهه ڪندي پاڪستان پاران انساني همدردي جي بنياد تي افغانستان جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي آپريشن ۾ مڪمل تعاون جي عزم کي ورجايو.