اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي فورسز پاران سيد علي گيل??ني مرحوم جي گهرڀاتين جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ شرمناڪ قدم آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڳ ۾ 92 سالا سيد علي گيل??ني جيڪو محترم ترين ۽ بااصول ڪشميري اڳواڻن مان هڪ آهي جي ميت کسڻ ۽ پوءِ ان جي گهرڀاتين جي خلاف ڪيس ٺاهڻ نازين کان متاثر آر ايس ايس – بي جي پي سرڪار جي هٿان هندستان جي سفاڪيت جو هڪ ٻيو شرمناڪ مٿال آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ سان گڏ ڀارتي اخبار ٽائيمز آف انڊيا جي خبر پڻ شيئر ڪئي آهي، خبر موجب غيرقانوني ط??ر ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڪشمير جي پ??لي?? سيد علي گيل??ني جي تدفين جي موقعي تي ڀارت مخالف نعرا لڳائڻ ۽ مرحوم جي ميت کي پاڪست??ني جهندي ۾ ويڙهڻ تي سيد علي گيل??ني جي گهرڀاتين ۽ ٻين ماڻهن جي خلاف بڊگام پ??لي?? اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي آهي.