??يص?? آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت گهٽ آمدني وارن طبقن جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ سدائين کان ڪوششون ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خا?? جي ويزن موجب حڪومتي پاليسين جو رخ نظرانداز ٿيل ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن طرف موڙي ڇڏيو آهي، جن کي تمام جلد ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم ذريعي بهترين سموريون ممڪن سهولتون ڏنيون وينديون. سبزي منڊي سدهار جي دوري ۽ انجمن تاجران سبزي منڊي سدهار ??يص?? آباد جي عهديدارن ۽ ميمبرن کي خطاب ۾ هن چيو ته حڪومت اخوت ۽ ٻين اي?? جي اوز جي حصيداري سان اڳ ۾ ئي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي گهر?? جي تعمير لاءِ بنا وياج ۽ آسان قسطن تي قرض ڏئي رهي آهي جيڪي 15 کان 20 سال?? جي اندر واپس ڪرڻا پوندا. هن چيو ته گهٽ آمدني وارا ماڻهو سڄي زندگي گهرن جو ڪرايو ڏيندا رهندا هئا پر گهر پوءِ انهن جا پنهنجا نه ٿيندا هئا جڏهن ته هاڻي حڪومت جي پاليسي جي ڪري اهي گهر جي ڪرايي جي برابر قسطن ۾ قرض واپس ڪري پنهنجي گهر جا مالڪ بڻجي سگهندا، اهڙي طرح حڪومت ننڍي ڪاروبار?? جي لاءِ بنا وياج ۽ بنا گارنٽي جي 5 لک رپين تائين جا قرض ڏيڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو آهي ۽ غر??ب ماڻه?? جي ڊيٽا نادرا سسٽم سان جوڙي وئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان غر??ب?? جي ڀلائي تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي ۽ هن سال جي آخر تائين پنجاب جي هر خاندان کي صحت ڪارڊ ملي ويندو ۽ اهي پنهنجي پسند جي ڪنهن به اسپتال ۾ پسند جي ڊاڪٽر کان ساليانو 10 لک رپين تائين طبي علاج جا حقدار هوندا. مقامي مسئلن بابت هن سبزي منڊي سدهار جي شيڊ ۽ رست?? جي فوري تعمير ۽ مرمت ۽ رنگ روغ?? جي لاءِ 10 ڪروڙ رپي?? جي گرانٽ جو پڻ اعلان ڪيو. هن چيو ته ان پراجيڪٽ جا ٽينڊر ايندڙ هفتي جاري ڪيا ويندا جنهن ک??نپ??ءِ ان منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته سبزي منڊي سدهار کي جهنگ روڊ سان ڳنڍيندڙ سيم نالي سان گڏ رستا به تمام جلد ٻيهر تعمير ڪيا ويندا. هن چيو ته حڪومت ”ميل آن ويل“ متعارف ڪراڻ تي پڻ غور ڪري رهي آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ احساس پروگرام تحت هڪ ئي ماڊل جا ٺيلها ڏنا ويندا. فرخ حبيب چيو ته حڪومت سبزي منڊي سدهار کي هڪ مثالي منڊي بڻائڻ جو ارادو رکي ٿي ڇو ته هي منڊي نه رڳو هزارين ماڻهن کي باعزت روزگار فراهم ڪري رهي آهي پر ڀرپاسي وارن ضلعن کي ميون ۽ ڀاڄي?? جي فراهمي کي پڻ يقيني بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته هتي سيلاني لنگر پڻ متعارف ڪرايو ويندو ته جيئن غر??ب مزدورن ۽ پورهيتن کي مفت کاڌو کارائي سگهجي. هن چيو ته عمران خان جو مقصد ڪاروبار کي فروغ ڏئي غربت کي ختم ڪرڻ آهي تنهن ڪري ان سلسلي ۾ انهن ماڻهن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃ?? جيڪي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ چاهين ٿا. هن مارڪيٽ ڪميٽي سبزي منڊي سدهار جي انتظاميا ۽ ڊپٽي ڪمشنر ??يص?? آباد کي هدايت ڪئي ته اهي انجمن تاجرا?? جي چونڊيل نمائندن سان گڏ ويهي انه?? جي حقيقي مسئلن کي اولين ترجيحي بنيادن تي حل ڪن. ان کان اڳ انجمن تاجران سبزي منڊي جي صدر ميان عامر حنيف اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب کي ڀليڪار ڪيو ۽ سبزي منڊي سدهار جي بنيادي مسئلن تي روشني وڌي. هن مزدورن ۽ پورهيتن کي درپيش مسئلن جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت انه?? جي مسئل?? جي جلد حل جي لاءِ سمورن ممڪن قدمن کي يقيني بڻائيندي. بعد ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب مارڪيٽ جي مختلف حصن جو دورو پڻ ڪيو.