لاهور – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت هيلٿ ڪار?? ذريعي پنجاب جي سمورن خاندانن کي 400 ارب رو??ين کان وڌيڪ جي هيلٿ انشورنس فراهم ڪري رهي آهي، حڪومت جي پاليسين جي ڪري فيصل آباد جي صنعت جو ڦيٿو ٻيهر هلڻ لڳو آهي، فيصل آباد ۾ خصوصي اقتصادي زون جي قيام سان ٻاهرين سيڙپڪاري وڌيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيصل آباد ڊويزن ۾ جاري تر??يا??ي منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ فيصل آباد سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کانسواءِ منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، سيد طارق الحسن، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر به موجود هئا. اجلاس ۾ فيصل آباد ڊويزن ۾ جاري تر??يا??ي منصوبن، لاڳاپيل تڪن جي معاملن ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پوري فيصل آباد ڊويزن ۾ رابطي رستن ۽ اهم شاهراهن جي تعمير جاري آهي جنهن ج?? ذريعي ضلعن جا پاڻ ۾ رابطا ۽ موٽر وي سان رابطا بهتر ڪيا پيا وڃن، ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۽ جهنگ ۾ يونيورسٽيون، پاور پلانٽ ۽ ڊسٽرڪٽ ڊولپمينٽ پيڪيج تحت منصوبن تي به ڪم تيزي سان جاري آهي، اجلاس ۾ فيصل آباد لاءِ تجويز ڪيل پبلڪ ٽرانسپورٽ جي منصوبن، آءِ ٽي يونيورسٽي، شهر جي خوبصورتي کي وڌائڻ لاءِ منصوبن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان جاري تر??يا??ي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن جي ترجيحي بنيادن تي تڪميل جي هدايت ڪئي.