اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ تاريخي قدم کنيا آهن، صنعتڪار ۽ بزنس مين عام ماڻهو کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سان گڏجي هلن، ??اڪ??تان تحريڪ انصاف جي منشور موجب آءِ ٽي ۽ ٽيڪسٽائيل جي روانگي واپار جي پ??لي??ي جا ثمر هاڻي واضح طور تي نظر اچي رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان ناليوارن صنعتڪارن ۽ واپارين جي وفد ملاقات ڪئي. حڪومت ۽ صنعتڪارن گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، صنعتن جي فروغ لاءِ ڊگهي مدي واري پ??لي??ين جي تسلسل تي زور ڏنو ??يو. وزيراعظم چيو ته حڪومت کي عالمي منڊي ۾ مهانگائي ۽ ان جي ڪري عوام تي بار جو احساس آهي، عام ماڻهو کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، صنعتڪار ۽ بزنس مين عام ماڻهو کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سان گڏجي هلن، ??اڪ??تان تحريڪ انصاف حڪومت ۾ اچڻ کان اڳي ئي پارٽي منشور ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيڪسٽائيل جي روانگي واپار جي پ??لي??ي شامل ڪئي هئي جنهن جا ثمر هاڻي واضح طور تي نظر اچي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار دوست پ??لي??ين جي ڪري ملڪ جي 10 وڏين ڪمپنين گزريل سال 929 ارب رپيا منافعو ڪمايو، حڪومت سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ تاريخي قدم کنيا جيڪي اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت نه کنيا، ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جو روانگي واپار 21 ارب ??الر جي رڪارڊ سطح تي پهتو ۽ ايندڙ سال 26 ارب ??الر جو روانگي واپار متوقع آهي، ??اڪ??تان دنيا جو چوٿون سڀ کان وڏو موٽرسائيڪل ٺاهيندڙ ملڪ بڻجي چڪو آهي. ٽريڪٽرز جي روانگي واپار ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جنهن ۾ 90 سيڪڙو پارٽي مقامي طور تي تيار ڪيا وڃن ٿا، آءِ ٽي ۽ ٽيڪسٽائيل سان گڏوگڏ دفاعي پيداوار ۽ انجنيئرنگ جي شعبن تي ڌيان ڏنو ??ڃي. ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ وسيع موقعا موجود آهن جن جو پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر ۾ حصيداري سان فائدو کڻي سگهجي ٿو، ملڪ جي ترقي جي لاءِ حڪومتي پ??لي??ين جي عملدرآمد ۾ پورو ساٿ ڏينداسين. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت صنعتن جي فروغ ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ ڊگهي مدي واري پ??لي??ي تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، ڪاروبار دوست پ??لي??ين جي ڪري انڊسٽري رڪارڊ منافعو ڪمايو جنهن جا ثمر مزدور طبقي کي ملڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته آئون انهن صنعتڪارن ۽ واپارين جو ٿورائتو آهيان جن منهنجي گذارش تي ملازمن جون پگهارون وڌايون، چين جي دوري کان اڳ بزنس ڪمونيٽي سان مشاورت ضروري هئي، حڪومت ??اڪ??تاني ۽ چيني صنعتڪارن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ ۽ گڏيل بزنس منصوبا قائم ڪرڻ تي ڳالهه ڪندي. وزيراعظم چيو ته هڪومت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي فروغ تي ڌيان ڏئي رهي آهي جنهن سان وچولي ۽ غريب طبقي جي معاشي حالتن ۾ بهتري ايندي، روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ آءِ ٽي، زراعت، لائيو اسٽاڪ، مشينري، ٽيڪسٽائيل سيڪٽرز ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن. صنعتڪارن حڪومت جي ڪاروبار دوست پ??لي??ين جي مڪمل تائيد ڪئي ۽ منافعي ۾ اضافي جي ثمرن کي هيٺئين طبقي تائين منتقل ڪرڻ جي حمايت ڪئي. صنعتڪارن روانگي واپار وڌائن، ننڍي ۽ وچولي صنعتن جي فروغ، ٽيڪس نظام ۾ بهتري ۽ چين جي دوري جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. ملاقات ۾ ناليوارا صنعتڪار ثاقب شيرازي (هونڊا اٽلس)، علي اصغر جمالي (انڊس موٽرز)، غياث الدين خان (اينگرو)، سڪندر مصطفيٰ (ملت ٽريڪٽر)، حامد زمان (سيفام)، شاهد عبدالله (سيفائر)، خرم مختار (??اڪ??تان ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن)، زاهد بشير (گل احمد)، اعظم فاروق (چراٽ سيمنٽ)، خليل ستار (ڪي اينڊ انز)، عبدالرحيم ۽ گوهر اعجاز (اپٽما) شامل هئا. وفاقي وزير ??وڪت ترين، اسد عمر، حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، چوڌري فواد حسين، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل ۽ سينيئر آفيسر موجود هئا.